بڙ وارو ڍورو

بڙ وارو ڍورو

بڙ وارو ڍورو2

بڙ وارو ڍورو (ماڳ): هيءُ قديم ماڳ، ڪڍڻ شھر کان 20 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي مٺيءَ ڏانھن ويندڙ هاءِ وي روڊ جي ڀرسان ديھه سينگاري، تعلقي ۽ ضلعي بدين ۾ واقع آهي. هن تاريخي ماڳ کي سنڌ جي عظيم صوفي شاعر ۽ بزرگ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي تڪيي واري حيثيت حاصل آهي. هن ماڳ تي پراڻ درياهه جي وهڪري جا سامونڊي پٽي ۾ داخل ٿيڻ جا بيشمار اهڃاڻ موجود آهن. روايت آهي ته ان زماني ۾ هتي بڙ جا وڻ جام هوندا هئا. شاهه سائين ساڱري طرف ايندي ويندي ڪيترائي ڀيرا انهن مان هڪ وڏي وڻ جي هيٺيان ٿڪ ڀڃڻ لاءِ ويٺو. ڳوٺاڻن سان رهاڻيون ڪيون، جن جي اڪثريت جت قبيلي مان هئي. شاهه سائين سان هتي عبدالعظيم شاهه عرف وڏل شاهه ۽ رمضان جت ڪچھريون ڪيون. شاهه سائين جي وفات بعد وڏل شاهه انهي بڙ هيٺ ويھي شاهه جو گنج ترتيب ڏنو. رمضان جت مختلف علائقن مان ڪيترائي شاهه جا عقيدتمند وٺي آيو، جن کي شاهه جو ڪلام ياد هو. انهن وڏل شاهه جي، گنج ترتيب ڏيڻ ۾ مدد ڪئي. رمضان جت نڙ بيت جو وينجهار هو ۽ خوشحال جت ساڻس دنبورو وڄائيندو هو. اهو ڳوٺ اڳتي هلي رمضان جت جي نالي سان سڏجڻ لڳو. روايت آهي ته هڪ دفعي شاهه سائين اڪيلو بڙ تي آيو. ان وقت هڪ عورت گنگا جتڻ کوهه تي پاڻي ڀري رهي هئي، جيڪا کيس دعوت ڏيئي گهر وٺي وئي ۽ اُست (ڏاچي جو کير) پياريائين. شاهه سائين کي اُست ايڏو وڻيو جو چيائين: ’کوءِ پلنگ، ٻن ماڙِيون، پکا سَندن ٻَنِ، اُستُ جو اُٺينِ جو، مُون کي رَهيو مَنِ، جيءَ ۾ جَت رَهَنِ، ٻي پِرِ ٿِڻي پاسي ٿي. وڏل شاهه، خوشحال فقير ۽ گنگا جتڻ جون قبرون به هن ماڳ تي آهن. وقت گذرڻ سان اهي بڙ جا وڻ ختم ٿي ويا. هن ماڳ جي شناخت 1990ع ڌاري ٿي، جڏهن ثقافت کاتي جي تڏهوڪي سيڪريٽري حميد آخوند هتي محفوظ ڪيل شاهه جو گنج حاصل ڪري ڇپايو. هن ماڳ تي هڪ قديم کوهه پڻ موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو